اياز سمون

اياز سمون

اياز سمون

اياز سمون: مزاحيه اداڪار ۽ ميزبان اياز سمون 11 فيبروري 1987ع تي عبدالرزاق سمي جي گهر ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. شوبز ۾ ’ساجد بِلا‘‘ ڪردار واري نالي سان گهڻو مشھور آهي. هن پنھنجي فن جي شروعات 2004ع ۾ ميوزڪ وڊيو ۾ ماڊل طور ڪئي. ان کان پوءِ ڪيترن ئي ڊرامن ۽ ٽيلي فلمن ۾ ڪم ڪيو. 2006ع ۾ هندوستاني ڪاميڊي شو ’The Great Indian Laughter Challenge‘ سيزن II ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. جتي هن کي ’نوجوان چيمپيئن‘ قرار ڏنو ويو. ان کان پوءِ کيس پاڪستان جي پھرئين ڪاميڊي شو ’سپر ڪرارا‘ ۾ پرفارم ڪري ’ڪرارا ڪنگ‘ جو اعزاز کٽيو. سندس ٻين هندستاني شوز ۾: ’فنجابي چڪ دي‘، ’ڪاميڊي چيمپئنز‘، ’ڪاميڊي ڪلب‘ ۽ ’لاف انڊيا لاف‘ شامل آهن. 2008ع ۾ هندوستاني شو ’ڪاميڊي ڪا ڪنگ ڪون‘ ۾ شرڪت ڪري ’ڪاميڊي ڪا ڪنگ‘ جو اعزاز کٽيو. سندس ڊرامن ۽ فلمن ۾: ’ڪاليج‘ (2009ع)، ’خوشي اڪ روگ‘ (2012ع)، ’021‘ (2014ع)، ’مور‘ (2015ع)، ’بتاشے‘ (2015ع)، ’اڪش بند‘ (2016ع)، ’مان جاؤ نا‘ (2018ع)، ’حسد‘ (2019ع)، ’نند‘ (2020ع) ۽ ٻيا شامل آهن. ان کان علاوه ساجد بلا a.k.a، (ساجد DVD)، منڊي ڪا ڪنگ ڪون‘ ۽ ٻين پروگرامن جي ميزباني پڻ ڪئي آهي. 2016ع ۾ وِلن طور بھترين اداڪار جو اوارڊ ملي چڪو آهي. هن وقت اي آر واءِ زندگي تي ’دي نائيٽ شو وٿ اياز سمون‘ جي ميزباني ڪري رهيو آهي.


لفظ اياز سمونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1987.02.11  عيسوي

مزاحيه اداڪار ۽ ميزبان اياز سمون 11 فيبروري 1987ع تي عبدالرزاق سمي جي گهر ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چي گويرا
جهانگير بدر
سُهائي ٽالپر
الهڏنو مهر
دائود سيوستاني
عبدالله سومرو
زرينه حسين ناريجو
جاويد ٽاڪاڻي
عبدالغفور انصاري
ثابت علي شاهه ثالث
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون